شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربند پيرسن عورت جي ڪنن مان واليون ڇني فرار، رتورت ٿيل متاثر عورت جو احتجاج. خبر موجب شھر جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ٺاروپور پاڙي ۾ ٻن موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن پيرسن عورت حضوران جي ڪنن مان زبردستي 6 واليون ڇني فرار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ عورت جا ڪن چيرجي ويا ۽ هوءَ رتورت ٿي وئي، ان ڏس ۾ زخمي عورت پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو، ھن دانھيو ته ھوءَ ڳوٺ درويش ڪاڪيپوٽو جي رھواسڻ آھي جيڪا پٽ جي گهر گهمڻ وڃي رھي ھئي ته ٺاروپور پاڙي ۾ ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿيابندن سندس واليون لاهي ورتيون، هن مطالبو ڪيو ته ساڻس ظلم ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي.