ڪرمپور (ن پ ا) ٺل واسي نوجوان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي. ان ڏس ۾ ڳوٺ حيات ٻرڙو واسي نوجوان دڪاندار صلاح الدين ٻرڙو سکر ويندي پراسرار نموني گم ٿي ويو نوجوان جي ڀاء عبدالخالق ٻرڙو جو چوڻ آهي ته سندس ڀاء گهران ٻه لک رپيا کڻي دڪان جو سامان وٺڻ لاء سکر ويو جيڪو ٻن ڏينھن کان واپس ناهي موٽيو شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي نوجوان جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ڏيکاريندي حد جي ٺل ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي هنن اعلي’اختيارين کي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي جڏهن ته پوليس پاران واقعي جي جانچ ڪئي پئي وڃي.