لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو پوليس قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ ارباب کوکر تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران ڳوٺاڻن مزاحمت ڪندي پوليس مٿان پٿراءُ ڪري ڏنو ۽ منهن ماري ڪئي، جنهن دوران عورت صغريٰ زخمي ٿي پئي، جڏهن ته پوليس هڪ ڄڻي محمد يوسف کوکر کي گرفتار ڪري ورتو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن علي دوست، عبدالڪريم، بختاور کوکر ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته پوليس بااثرن اشفاف سولنگي ۽ مشتاق سولنگي جي وانگار وهندي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي، هنن تدارڪ جي گهر ڪئي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڪنگا ٻڌايو ته قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار فاروق ماڇي جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ڳوٺاڻن مزاحمت ڪندي فاروق ماڇي کي فرار ڪرائي ڇڏيو.