جوھي (ن پ ا) جوهي ويجھو شاعر آس ٻٻر کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڊرگھه بالا ٿاڻي جي پوليس اٽالن جوھي لڳ قريشيءَ جي بورنگ تي سندس گھر تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪندي گھرن ۾ گھڙي عورتن ۽ ٻارڙن کي هراسان ڪيو، ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ جوھي جي اڳوڻي سيڪريٽري ناليواري شاعر عبدالحميد آس ٻٻر کي پي ٽي آءِ ضلعي دادو جي صدر عاشق حسين زنئور جي بورنگ مان مبينا چوري ٿيل سولر پليٽن جي الزام ۾ گرفتار ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي گم ڪري ڇڏيو. اھڙي عمل خلاف جوھي جي اديبن شاعرن صحافين گهايل لغاري، زين کوسو، خليل عارف سومرو، ٻاجھي، لياقت علي لياقت، نقادٿھيم، ايم بي ٻٻر،شھميرگاڏھي، پيربخش ٻٻر ۽ ٻين سخت لفظن م مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته شاعر عبدالحميد آس ٻٻر کي ظاھر ڪري ھڪدم آزاد ڪيو وڃي. پوليس شاعر آس ٻٻر کي وڏيري جي چرچ تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ھنن پوليس خلاف شاعر آس ٻٻر کي ناحق گرفتار ڪري گم ڪرڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي پاسي رات دير سان پي ٽي آءِ ضلعي دادو جي صدر سردار عاشق زئونر جي مداخلت تي حاجي خان پوليس پڪٽ جي اهلڪارن شاعر آس ٻٻر کي آزاد ڪري ڇڏيو. عاشق زئونر موجب چور ٽيوب ويل تان 48 سولر پليٽون چوري ڪري ويا، پر مون کي ان کان وڌيڪ آس ٻٻر جي عزت وڌيڪ آهي، هو واقعي شريف انسان آهي، ان ڪري پوليس کي کيس آزاد ڪرڻ جو چيو.