سامارو / ڪنري ( نمائندن وٽان) 40 سال اڳ ڳوٺ بهائي خان بنگلاڻي ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿيل پيرسن محمد حسن ولد مٺل خان بنگلاڻي جي قتل جو راڄوڻي فيصلو سامارو جي ڳوٺ غلام حيدر بنگلاڻي ۾ امير علي بنگلاڻي، حاجي خان بنگلاڻي، مير محمد بنگلاڻي، در محمد بنگلاڻي، حاجي امام بخش بنگلاڻي ۽ مير بنگلاڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، فيصلي ۾ ڳالهيون ٻڌڻ بعد جوابدار ڌر ربنواز بنگلاڻي تي 15 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي ٺاهه ڪرايو ويو.