قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ايم پي اي شير محمد انڙ جي رھائش گاھ تي سکر پوليس چڙھائي ڪئي، جڏهن ته شير محمد انڙ گهر ۾ موجود نه هجڻ ڪري پوليس ملازمن کان پڇا ڳڇا ڪري واپس هلي وئي، ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته نواب شاھ واسي شوروم مالڪ جان محمد مگسي جي درخواست تي عدالتي حڪم تي ساڍا 10 ڪروڙ رپين جو چيڪ پاس نه ٿيڻ تي سکر جي آباد پوليس ٿاڻي تي اڳوڻي ايم پي اي شير محمد انڙ خلاف ساڍا 10ڪروڙ جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته ساڍا 10ڪروڙ جو ڏنل چيڪ پاس نه ٿي رهيو آھي، ڪيترائي ڀيرا رقم گھري پر نه ملي سگهي، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي تي ڪارروائي ڪئي آهي، ملازمن کان پڇا ڳڇا ڪئي پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيو آهي. هوڏانهن شير محمد انڙ جي وارثن جو چوڻ آھي ته رقم وياج جي آھي، پئسا فريادي ڌر کي ڏئي چڪا آھيون، زمين به لکي ڏني آھي پوءِ به وياج ختم ئي نه ٿو ٿئي، هنن چيو ته پوليس ناانصافي ڪئي آهي، مامري جو نوٽيس ورتو وڃي، هوڏانهن اڳوڻي ايم پي اي شير محمد انڙ جي ترجمان ٻڌايو ته سکر پوليس بناجواز شير محمد انڙ جي بنگلي تي چڙھائي ڪئي آھي، ھن چيو ته شيرمحمد انڙ خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ھن چيو ته جلد جان محمد مگسي خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي.