شادي ۾ پوليس گهرائڻ لازمي قرار:ڀارت ۾ قانون منظور

0
338

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) شادي ۾ پوليس گهرائڻ لازمي قرار، ڀارت ۾ قانون منظور ٿي ويو، ٿاڻن تي شادي ڪارڊن جا ڍير لڳي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست بهار ۾ ڪورونا صورتحال سبب نئون قانون منظورڪيو ويو آهي. قانون تحت شادي کان 3 ڏينهن اڳ پوليس کي نه رڳو آگاهي پر دعوت ڏيڻ به لازمي قرار ڏني وئي آهي. نئين قانون جي منظوري بعد ٿاڻن تي هزارين شادي ڪارڊ پهچي ويا آهن جڏهن ته پوليس دعوتن ۾ شرڪت ڪري مهمانن جو انگ ۽ ايس او پيزڏسندي. ان حوالي سان بهار پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنهن به تقريب ۾ 50 کان وڌيڪ مهمان هوندا ته ڪارروائي ٿيندي.