ڀارت ۾ غريب شاگرد ڪورونا رپورٽ مثبت اچڻ بعد وڻ تي چڙهي ويو

0
410

حيدرآباد دکن(دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ غريب شاگرد ڪورونا رپورٽ مثبت اچڻ بعد وڻ تي چڙهي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست تلگانه جي ضلعي نلگنڊا جي ڪوٺانندي ڪونڊا ڳوٺ جي انجينيئرنگ جي شاگرد رماڪانت جي ڪورونا رپورٽ مثبت آئي، رماڪانت جا والدين رپورٽ مثبت اچڻ سبب پريشان ٿي ويا ڇاڪاڻ ته انهن وٽ رهڻ لاءِ رڳو هڪ ڪمرو موجود هو جيڪڏهن آئيسوليٽ ٿيڻ لاءِ اهي رماڪانت شيو کي ڪمرو ڏين ٿا ته پوءِ باقي سمورن گهر ڀاتين کي ٻاهر اڱڻ ۾ رهڻو پئي پيو، نوجوان شاگرد والدين جي پريشاني ڏسي نه سگهيو ۽ پاڻمرادو گهر جي اڱڻ ۾ موجود وڻ کي قرنطينا مرڪز بڻائي ورتو،رماڪانت وڻ جي ڪاٺين مٿان تختو رکي ان تي بسترو وڇائي قرنطينا جا ڏينهن گذاري رهيو آهي جڏهن ته ڀاتي پڻ سندس ان عمل سبب خوش آهن، نوجوان شاگرد کي گهر ڀاتي وڻ تي کاڌو ۽ ٻيو سامان پهچائي رهيا آهن ٻئي طرف سماجي حلقن پاران رماڪانت شيو جي واکاڻ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان رماڪانت جو چوڻ آهي ته هو پريشان ناهي کيس اميد آهي ته ڪورونا کي شڪست 0ئي ڇڏيندو جڏهن ته هن حڪومت کان پڻ مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ وڌ ۾ وڌ قرنطينا مرڪز ٺاهيا وڃن ته جيئن غريب ماڻهو خانگي اسپتالن جي چڪر کان بچي وڃن.