آسٽريلين بالر ٻارڙن سان جنسي زيادتي جي الزام ۾ گرفتار

0
536

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريلين فاسٽ بالر ايرون سمرز کي ٻارڙن سان جنسي زيادتي جي الزام ۾ گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.فاسٽ بالر کي جمعي ڏينهن منجهند 2 وڳي فيني بي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ پوليس سندس موبائيل فون به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس موجب ڪرڪيٽر جي موبائيل ۾ ٻارڙن سان مبينا طور جنسي زيادتي جي مواد تي ٻڌل ڪيتريون ئي وڊيوز موجود آهن ۽ اعتراض جوڳين تصويرن لاءِ 10 ٻارڙن سان رابطن جا به ثبوت موجود آهن. آسٽريلين ڪرڪيٽر مٿان ٻارن سان زيادتي جو مواد رکڻ ۽ ٻارڙن سان جنسي زيادتي لاءِ تيار ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.