سلمان بٽ کي مائيڪل وارن تي طنز مهانگو پئجي ويو

0
305

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ سزا يافته قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ کي اڳوڻي انگلش ڪپتان سان جهيڙو مهانگو پئجي ويو. ڀارتي خابرو اداري موجب گذريل ڪجهه ڏينهن دوران مائيڪل وارن ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ ڪين وليمسن سان ڀيٽيندي وليمسن کي ڪوهلي کي بهتر قرار ڏنو جنهن تي سلمان بٽ اڳوڻي انگلش ڪپتان کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سينچريز نه ٺاهڻ جو طعنو ڏنو. اهو طنز وان کي پسند نه آيو، ان سلمان بٽ کي آئينو ڏيکاريندي 2010ع جي لارڊز ٽيسٽ ۾ اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ياد ڏياريو، جنهن ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر کي جيل به ڀوڳڻي پئي هئي.