پاڪستان سپر ليگ جون رهيل ميچز ڪراچي بدران ابوظهبي ۾ ٿينديون

0
342

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ 6 جون رهيل ميچون ابوظهبي ۾ ٿينديون، جنهن جي تصديق اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن آپريشنل معاملن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) تفصيل جاري ڪندو.ذريعن موجب اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ کي پنهنجي حڪومت طرفان پي ايس ايل ڪرائڻ جي ڪليئرنس ملي وئي آهي. ذريعن موجب امارات ڪرڪيٽ بورڊ کي پنهنجي حڪومت طرفان پي ايس ايل ڪرائڻ جَي حوالي سان ڪليئرنس ملي وئي آهي. واضح رهي ته پي ايس ايل 6 ۾ 34 ميچز ٿيڻيون هيون ۽ شروعاتي 14 ميچز پاڪستان ۾ ٿي چڪيون آهن، ايونٽ ۾ شريڪ رانديگرن ۾ ڪورونا ڪيسز سامهون اچڻ بعد ايونٽ ملتوي ڪيو ويو هو. معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ بعد فائنل سميت باقي 20 ميچز ابوظهبي ۾ ڪرائي ويندي.