ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 104 مريض فوت، 3 هزار 256 نوان ڪيس ظاهر

0
295
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي 104 مريض فوت ٿي ويا، وبا وگهي فوتين جو مجموعي تعداد 19 هزار 856 ٿي ويو، 24 ڪلاڪن دوران وبا جا 3 هزار 256 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن دوران 41 هزار 771 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 7 ڏهائي 79 سيڪڙو رهي، سرڪاري پورٽل موجب ڪورونا سبب هيل تائين 19856 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا ۽ ڪل ڪيسز جو تعداد 8 لک 86 هزار 184 ٿي ويو جڏهن ته وائرس سان 7 لک 99 هزار 951 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين 9 لک 64 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي وئڪسين لڳائي وئي آهي.