خطرناڪ ڪيڙو مڇي جي زبان کائي ويو

0
488

ڪيپ ٽائون(دلچسپ نيوز) خطرناڪ ڪيڙو مڇي جي زبان کائي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڏکڻ آفريڪا جي شاگرد ڊان مارڪس هڪ انوکي تصوير شيئرڪري ڏسندڙن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، تصوير ۾ مڇي جي منهن ۾ خطرناڪ ڪيڙو ڏسي سگهجي ٿو، رت چوسيندڙ جونڪ نالي اهو ڪيڙو رڳوڪارپينٽرنسل جي مڇي ۾ رهندو آهي، اهوڪيڙوڪلين ذريعي منهن ۾ داخل ٿي زبان تي حملوڪري ٿو، جونڪ زبان جو رت چوسي چوسي ان کي ڪرائي ڇڏيندو آهي. ان حوالي سان مارڪس جو چوڻ آهي ته هن سمنڊ مان مڇي پڪڙي ڏٺي ته ان جي زبان کاڌل هئي جنهن بعد هن مڇي جي منهن اندر خطرناڪ ڪيڙو جونڪ ڏٺو جنهن تي هو تمام گهڻو حيران ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته هن اڄ تائين رڳو ان ڪيڙي بابت پڙهيو هو پهريون ڀيرو هن ڪيڙي کي بي دردي سان مڇي جي زبان کائيندي ڏٺو. ڊان مارڪس ان ڪيڙي جي تصوير پروفيسر نيڪو اسمٿ کي اماڻي ڇڏي. پروفيسر نيڪو اسمٿ جو چوڻ آهي ته ڪارپينٽرمڇي جي جسم اندر نر ۽ مادي جونڪ هجن ٿا. ان جو انگ وڌندو رهندو آهي جنهن سبب مڇي لاءِ عذاب هجي ٿو.