سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ڪوڙو ڏيٿو جو رھواسي يار محمد ڏيٿو احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته اسان غريب مسڪين آھيون، سڄي زندگي وڏيري    کي ووٽ ڏنا آهن پر ھن ڀيري سندس پٽ عبدالجبار ۽ عمران علي راھو آزاد اليڪشن ۾ فارم ڀرايا، آئون  ۽ علي شير راھو  انھن ٻنھين  آزاد اميدوارن جا تائيد ڪندڙ هئاسين، جنهن سبب  ڪجهه ڏينهن اڳ   علي شير راھو کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ اڄ  مونکي وحيد راھو ۽ ٻين ڪلاشنڪوف  جا بٽ ۽ لٺيون هڻي منهنجو ٻئي ٻانهو ڀڃي ڇڏيون آهن، هن ٻڌايو ته تشدد ڪري ذهني ٽارچر ڪيو ويو، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي طرف الزام هيٺ آيل وحيد راهو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان  راڄ ڀاڳ وارا آھيون، اسان پنهنجي راڄ جو ساٿ ڏنو آهي، ڪڏهن به ڪنهن سان بيواجبي ناھي ڪئي،  ڪجهه ماڻهون اسان خلاف ميڊيا ٽرائل ڪرائي رهيا آهن، اسان ڪوبه حملو يا تشدد ناهي ڪيو.