ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان خواجا اظهار جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي 17 رڪني وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تازين برساتن سبب تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار وڏي وزير کي ٻڌايو ته تيز برساتن سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي روڊن ۾ کڏا پئجي ويا آهن،  جنهن ڪري ٻنهي شهرن ۾ ٽريفڪ جي رواني مسئلو بڻجي وئي آهي، وڏي وزير ايم ڪيو ايم جي وفد کي ٻڌايو ته  ڪراچي جي  روڊن ۽ نيڪال سسٽم جي بحالي لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪيا آهن. جڏهن ته حيدرآباد جي روڊن لاءِ الڳ بجيٽ نظور ڪئي آهي. هن وفد کي يقين ڏياريو ته ٻنهي شهرن ۾ بحالي جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو.