اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ ڳورهاري عورت ٻار سميت فوت، گهر ۾ ڪهرام، ان ڏس ۾  اسلام ڪوٽ جي اسپتال ۾ ڳورهاري عورت پيٽ اندر ٻار سميت فوت ٿي وئي، ڳوٺ گوارڻ واسي 40 ورهين جي رسولان زال اسماعيل خاصخيلي کي اسپتال آندو ويو،  جتي هُو فوت ٿي وئي، ان ڏس ۾ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نهچل داس ٻڌايو ته عورت جي پيٽ اندر 4 مهينن جو ٻارڙو هو، جيڪو اڳ فوت ٿي چُڪو هو، اسان اسپتال پهچڻ بعد عورت کي مٺي ريفر ڪرڻ لاءِ ليٽر تيار ڪري عورت جي وارثن کي مٺي وڃڻ جو مشورو ڏنو پر عورت جي وارثن مٺي ريفر ٿيڻ کان انڪار ڪيو،جنهن بعد عورت رات جو 3 وڳي فوت ٿي وئي، عورت جي پيٽ اندر4 مهينن جو ٻارڙو  فوت ٿيل هو، ڊاڪٽرياڻي وڏي ڪوشش ڪئي پر عورت فوت ٿي وئي.