سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ شھر جي بخاري محلي جو 25 ڏينهن کان بجلي جو ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف ڪالوني جي رهواسي عورتن فرزانا، نسرين، مجيدي مسيح، ماريا ۽ ٻين حيسڪو سڪرنڊ جي آفيس آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،   ان موقعي تي عورتن سميت علي رضا راجپوت ڳالھائيندي چيو ته ڪافي ڏينهن کان بخاري محلي جو ٽرانسفارمر خراب ٿيل آھي، شڪايتن باوجود عملدار دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن،   اسان گهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي به کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪئي وڃي.