سرهاري (ن پ ا) سرهاري لڳ پيءُ  پنهنجي نوجوان ڌيءُ  کي ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾  ڳوٺ حاجي مسافر بروهي ۾ علي بخش پٽ شهبيگ بروهي پنهنجي گهر اندر پنهنجي غير شادي شده ڌيءُ 18 ورهين جي مسمات عظميٰ بروهي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو،  اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو،  هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سرهاري پوليس ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي ڌيءُ کي ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪيو آهي،  جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.