سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سڪرنڊ جي شاگردن امتحان ملتوي ٿيڻ خلاف ڪاليج کان نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو. شاگرد اڳواڻ غلام علي، عامر ڪيريو، ولي الله لغاري، طالب عباسي ۽ ٻين شاگردن پاران سنڌ حڪومت پاران تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي شاگردن چيو ته ڪورونا وائرس جو سبب ڄاڻائي تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ ۽ فسٽ ايئر جا پرچا ملتوي ڪرڻ سان تعليمي مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. ھنن چيو ته حڪومت کي گھرجي اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ ايس او پيز تحت تعليمي ادارن کي کوليو وڃي جيئن تعليمي ادارا تباهي کان بچي سگھن.