پيرجوڳوٺ (ن پ ا) ڳوٺ فاضل راهوجو واسين محمد نواز، شھميران، رفيعا، حبيبان راھوجو احتجاج ڪندي چيو ته کجين جي پڙ تي مزدوري ڪندڙ نوجوان ميرحسن پِٽ جيئند راھوجو کي برادي جتوئي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، آزاديءَ لاءِ اسان کان 5 لک رپيا طلب ڪيا پيا وڃن، خدشو آهي ته پوليس اسان جي نوجوان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيندي، انصاف فراهم ڪيو وڃي.