سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ٻاجھي خان چانڊيو ۾ 7 سالن جو معصوم اعظم ولد تاج محمد چانڊيو گڏهه گاڏي تان ڪري پيو جيڪو ڪنڌ ڀڄڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کي تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي هو فوت ٿي ويو، جنهن جومڙهه ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو.