حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر سيد شاهه محمد شاهه چيو آهي ته حڪومت ڪورونا کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران غيرسنجيده وزيراعظم آهي. عدليا جي احترام جي ڳالهه ڪندڙ عدليا جي توهين ڪري رهيا آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عدالت شهباز شريف کي ٻاهران علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني آهي پر حڪومت عدالتي فيصلو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، عدليا کي اپيل آهي ته اها توهين عدالت جو نوٽيس وٺي سڀني کي نااهل قرار ڏئي. هن چيو ته فلسطين جي سرزمين هزارين سالن کان فلسطينين جي آهي جنهن تي اسرائيل قابض آهي جيڪا ناجائز رياست آهي. افسوس آهي جو فلسطين جي موجوده سنگين صورتحال تي مسلمان ملڪ خاموش آهن. بدقسمتي سان ملڪ جا حڪمران توڙي پرڏيهي وزارت به معاملو اٿارڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي ان ڪري شاهه محمود قريشي عهدي تان استعيفيٰ ڏي. هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. 1991ع جي پاڻي ٺاهه مطابق سنڌ کي حصي موجب پاڻي نه ملي رهيو آهي. پاڻي سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ پيدا ٿيل مسئلا گڏجي ويهي حل ڪيا ويندا ۽ پي ڊي ايم قائم رهندي. هن چيو ته بدين جي ماتلي واري صوبائي تڪ 70 تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي. ڄاڻايل تڪ تي جي يو آءِ جو اميدوار پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار آهي. مسلم ليگ ن ان جي ڀرپور حمايت ڪندي کيس ووٽ ڏياريندي. هن چيو ته آصف علي زرداري جي سٺي خواهش آهي ته نواز شريف ڏيهه اچي سياست ڪري پر نواز شريف صحت بهتر ٿيڻ بعد ڏيهه ايندو.