هنڱورجا (ن پ ا) هنڱورجا پوليس ڪچي آبادي ۾ کدڙن فقيرن جي ڊانس پارٽي تي ڇاپو هڻي 9 کدڙن سونيا، صنم ، انمول ،ببلي، ريما، ڪاجل، ٿپڪي، شرميلي، ببلي ناز کانسواءِ ڊيڪوريشن مالڪ پرويز ميمڻ،سهيل احمد پنهيار، حسين بخش خاصخيلي،شاهنواز سهتو سميت 13 ماڻهن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، پوليس ايڪو سائونڊ ، اسٽيپ لائيزر، چنڱچي رڪشا ۽ ٻيو سامان پاڻ سان گڏ کڻي وئي جڏهن ته گرفتار ڪيلن سميت 22 ماڻهن جي خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ اي ايس آءِ ظهور احمد ڦل جي فرياد تي غيرقانوني لائوڊ اسپيڪر جو استعمال، لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي جا قلم لاڳو ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پوليس موجب منڱڻيجا محلا ۾ کدڙن فقيرن ميڙاڪو ڪوٺائي ڊانس ڪري رهيا هئا جن خلاف ڪاروائي ڪري 13 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو باقي ٻيا ماڻهو ڀتيون ٽپي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب گرفتار ڪيلن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.