سکر ۾ گرلز ڪوانڊو اڪيڊمي قائم:ٻارڙين وچ ۾ شاندار مقابلا

0
250

سکر(بيورو رپورٽ) نياڻين کي حفاظت لاءِ سکر ۾ تائي ڪواونڊو اڪيڊميءَ قائم، شھباز تائي ڪوانڊو اڪيڊمي سکر جناح ميونسپل اسٽيڊيم ۾ گرلز اڪيڊمي جي قيام جي حوالي سان تقريب ٿي، گرلز توڙي بوائز وچ ۾ تائي ڪوانڊو راند جا دلچسپ مقابلا پڻ منعقد ڪيا ويا.

بلو ڪارنر گرلز ۾ ڪامياب ٿيندڙن ۾ مريم، عائشا، مناھل، ھور ۽ نوال کي بھترين راند جو مظاھرو ڪرڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ تي مھمان خاص ڊاڪٽر انعم ارسلان شيخ ۽ عزرا جمال ونر ٽرافيون ۽ ميڊل ڏنا ويا، جڏھن ته بوائز ۾ ارحم، اِمار، اون عباس کي به ٽرافيون ۽ ميڊل ڏنا ويا.

ڊاڪٽر انعم ارسلان شيخ جو چوڻ ھو ته ٻارڙين کي تائي ڪوانڊو جي مقابلن ۾ حصو وٺندي ڏسي تمام گھڻي خوشي  ٿي آھي، ڇو جو ھو اِن ذريعي ئي پنھنجو دفاع، حفاظت بھتر نموني ڪري سگھن ٿيون. ھن چيو ته سندس ھر ممڪن ڪوشش ھوندي ته نياڻين کي پنھنجي حفاظت ڪرڻ لاءِ سکيا ڏيڻ واري ھن راند کي ھٿ وٺرائڻ سان گڏ ھر ممڪن مدد ڪري سگھجي.