پاڪستان غريب ۽ ڀارت وٽ پئسو آهي: سعيد اجمل

0
222

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپنر سعيد اجمل جو چوڻ آهي ته ڀارت وٽ پئسو آهي ۽ اسپسانسرز آهن، پر پاڪستان وٽ ايترو پئسو ناهي، ائين چئي سگهجي ٿو پاڪستان ڪرڪيٽ بورد غريب آهي،پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ وڌيڪ مضبوط آهي.
خانگي ٽي وي جي شو ۾ ڳالهائيندي سعيد اجمل چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) هر شئي ۾ سائنس کي وجهي ڇڏيو آهي ته چئي ٿو ته اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. سعيد اجمل جو چوڻ هو ته مون تي الزام لڳائڻ کان اڳ انهن ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون کي 6 مهينن لاءِ بالنگ کان روڪي ڇڏيو، ايشون کي چيو ويو ته اوهان 6 مهينا ريسٽ ڪيو ۽ ان بعد ويسٽ انڊين اسپنر سنيل نارائن کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ کان روڪيو ويو.