سکر ۾ ديوان چند چاولا، حاجي جاويد ميمڻ ۽ احسان شيخ سميت 245 اميدوارن جا فارم رد

0
224
سکر ۾ ديوان چند چاولا

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ 2635 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا، رٽرننگ آفيسرز طرفان 2390 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال، 245 اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ٿيا، سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي اڳوڻي ميئر سامھون اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اڳوڻي ايم پي اي، سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ ڪجھه ٻين اميدوارن جا نامزدگي فارم اعتراض لڳائي رد ڪيا ويا

67 اميدوارن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج وٽ فارم رد ٿيڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. رپورٽ موجب سکر ضلعي ۾ ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ھڪ ضلع ڪائونسل، 2 ميونسپل ڪاميٽين روھڙي ۽ پنوعاقل، 6 ٽائون ڪاميٽيون مڪي شاھه، جيئي شاھه، نثار احمد صديقي، باگڙجي، ڪنڌرا، صالح پٽ تي اليڪشن ٿيندي. جنھن ۾ حصو وٺڻ لاءَ ضلعي اندر مجموعي طور تي 2635 اميدوارن نامزدگي فارم رٽرننگ آفيسرز وٽ جمع ڪرايا

حاصل ڪيل ڄاڻ موجب جمع ڪرايل نامزدگي فارم مان 245 اميدوارن جا نامزدگي فارم رٽرننگ آفيسرز طرفان مختلف اعتراض لڳائي رد ڪيا ويا ۽ 2390 اميدوارن جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آھن. مليل وڌيڪ ڄاڻ موجب 67 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر وٽ درخواستون جمع ڪرايون آھن.  نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي اپيل جي ڪالھه آخري تاريخ ھئي

اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ سامھون نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم پي اي ديوان چند چاولا، ميونسپل ڪارپوريشن جي اڳوڻي ميمبر، سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر ۽ سکر ڊاولپمينٽ الائينس جي چيئرمين حاجي جاويد ميمڻ، تحريڪ انصاف جي اميدوار احسان شيخ، جماعت اسلامي، آزاد اميدوارن سميت ڪجھ اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آھن، اڳوڻي ايم پي اي ديوان چند چاولا، حاجي جاويد ميمڻ ۽ ٻين طرفان نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ فارم جي بحالي لاءِ درخواستون پڻ داخل ڪرايون ويون آھن

اڳوڻي ميئر طرفان ھڪ کان وڌيڪ يوسين تي نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آھن جڏھن ته ھن طرفان ڪورنگ اميدوار طور پنھنجي گھرواري ڊاڪٽر انعم ارسلان شيخ کي ڄاڻايو ويو آھي. پ پ مخالف اميدوارن اڳوڻي ايم پي اي ديوان چند چاولا، حاجي جاويد ميمڻ، عيدن جاگيراڻي، صبا ڀٽي ۽ ٻين الزام مڙھيندي چيو آھي ته آر اوز حڪومتي ڌر جي اشاري تي ھلي رھيا آھن، ارسلان شيخ پاڻ کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيو آھي، اليڪشن ڪميشن آر اوز جي ڌر ھجڻ جو نوٽيس وٺي

ھي به پڙھندا

ميرپور خاص ۾ نين تڪبندين خلاف درخواستن تي اليڪشن ڪميشن کان هفتي اندر جواب طلب