موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو لڳ ڳوٺ حاجي مشوري ۾ 2 پورهتن سجاد  ۽ واحد بخش ماڇي جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب سامان سڙي رک ٿي ويو.ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي وڌيڪ گهر سڙڻ کان بچائي ورتا.متاثرن جو چوڻ هو ته اوچتو اٿندڙ چڻنگ مان گهرن کي باهه وڪوڙي وئي، جانيون بچائي ٻاهر نڪتا آهيون. گهرن ۾ پيل هنڌ کٽون ۽ ٻيو قيمتي سامان مڪمل طور تي سڙي خاڪ ٿي ويو. متاثرن وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.