سکر؛ سکر ۽ ڪوٽڙي وچ ۾ پاڻي وڌڻ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ هيل ڪوٽڙي وٽ پهتل پاڻي وهڪرا سکر مان ڇڏيل پاڻي جي مقابلي ۾ وڌيڪ رڪارڊ ٿيا آهن، ،آزاد ذريعن موجب سکر کان هيٺ سنڌو ۾ ڏهه کان پنڌرنهن هزار ڪيوسڪ پاڻي منڇر مان دانستر وٽان شامل ٿيو،  جڏهن ته لڪي وٽ کير ٿر رينج جي ڪجهه حصن جو پاڻي به درياءُ جو حصو بڻيو، جنهن جي آبپاشي کاتي وٽ ڪا به گيجنگ موجود ناهي، واضح ر هي ته  سکر بيراج ۾ پهريون ڀيرو آگسٽ ۾ پنج لک 80 هزار ڪيوسڪ جو چاڙهه آيو، جڏهن ته ٻيو چاڙهه به 5 لک سٺ هزار ڪيوسڪ هو، جڏهن ته ڪوٽڙي وٽ پاڻي وهڪرا 6 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويا هئا