سکر: سکر بئراج کان هيٺاهين پاسي سنڌو تي اڏيل پهرين پل خيرپور-لاڙڪاڻو پل جي ويڪر رڳو 1.22 ۽ درياءَ جي ويڪر 13 کان 15 ڪلوميٽر آهي، انهي پل وٽ درياءَ اندر ٻنهي پاسي کان ايپروچ روڊ آهي. ساڳئي ريت دادو-مورو پل جي ويڪر 5 ۽ درياءَ جي ويڪر 13 کان 15 ڪلوميٽر آهي، هتي پڻ پل سميت ايپروچ روڊ ٺهيل آهي. قاضي احمد-آمري پل جي ويڪر وري 1.32 ڪلوميٽرآهي، هتي  ايپروچ روڊ 15 ڪلوميٽر آهي. انهن رڪاوٽن ڪري سکر کان ڪوٽڙيءَ تائين پاڻي پهچڻ ڏکيو آهي، هيل  دادو-مورو توڙِي آمري پلين وٽ پاڻي جي سطح 125 کان 130 فوٽ رهي آهي، جنهن ڪري منڇر مان درياءَ ۾ پاڻي  ڇوڙ ممڪن ناهي رهيو. ڪوٽڙي بيراج جي هيٺاهين پاسي به سنڌو تي 2 پليون ٺهيل آهن، جهرڪن وٽ ٺهيل سر آغا خان جهرڪ ملاڪاتيار پل پڻ 1.2 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جڏهن ته باقي ايپروچ روڊ آهي. ايئن دولهه دريا خان ٺٽو-سجاول پل به گهٽ ويڪر واري آهي.