سکر (بيورو رپورٽ) نيو سکر تعلقي ايڊمنسٽريشن  ۾ ڪرپشن وارو مامرو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ڪرپشن ۾ گرفتار ٻن ٺيڪيدارن جي 2-2  لکن جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، آزاد ڪرڻ جو حڪم. نيو سکر تعلقي ايڊمنسٽريشن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري نيب ريفرنس ۾ گرفتار ٻن ٺيڪيدارن عبدالشڪور مهر ۽ نبي بخش جسڪاڻي جي ضمانت منظور ڪندي کين 2- 2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي صورت ۾ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته سکر جي احتساب عدالت 23 جوابدارن کي ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ٻڌائي هئي جنهن مان 14 جوابدارن پلي بارگين ذريعي رقم واپس ڪري آزاد ٿي ويا هئا، جڏهن ته ٻن جوابدارن احتساب عدالت جي فيصلي خلاف ضمانت لاءِ اپيل داخل ڪئي، جنهن تي عدالت کين ضمانت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو.