نئون ڳوٺ (ن پ ا) راڌڻ ٿاڻي جي حد مسافر  پير وٽان 13 ڏينهن اڳ  نئون ڳوٺ واسي دڪاندار ظھير سولنگي کان نامعلوم ھٿيار بندن  ھٿيارن جي زور تي  موٽر سائيڪل ۽ فون ڦر ڪري ويا ھئا جنهن جي راڌڻ ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل آھي. گذريل ڏينهن ڦر ڪندڙ نوجوان سعدي موساڻي جي بازار ۾ ڀاڳين سڃاڻپ ڪري کيس پڪڙي ورتو، جيڪو نئون ڳوٺ ٿاڻي تي مقرر اي ايس آء محمد خان سولنگي جو پٽ نڪتو، جنهن جو ڳجھ ڳوھ ۾ تر جي وڏيري  مسئلو حل ڪري ڀاڳئي کي موٽر سائيڪل سميت سامان واپس ڪرائي معاملي کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو.