ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٻارڙي اسما ڀچو  کي  باھ ڏئي ساڙي مارڻ واري ڪيس ۾ جوابدار عدالت ۾ پيش، ضمانت رد ٿيڻ تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش، پوليس ۽ فريادي ڌر هٿان عدالتي احاطي مان گرفتار، ان ڏس ۾ ٽنڊي آدم جي ميواڙ ڪالوني ۾ اڍائي مهينا اڳ 4 ورهين جي ٻارڙي اسما ڌيءُ امداد ڀچو کي باھ ڏئي ساڙي مارڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار موليڏنو ڀچو  پڪي ضمانت لاءِ ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊو آدم رميش ڪمار جي عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت سندس ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ۽ فريادي ڌر جوابدار کي عدالتي احاطي مان پڪڙي ورتو ۽ کيس سٽي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.