سکر: پوليس پاران مبينا ڀتو طلب، پينو فقير عدالت پهچي ويو

0
216
پوليس پاران مبينا ڀتو طلب

سکر(ن پ ا) معذور پينو فقير خيرپور پوليس پاران مبينا ڀتو گهرڻ خلاف هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، پينو فقير فقير تڳيل هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي ۽ موقف اختيار ڪيو ته پوليس مون معذور پينو فقير کان به ڀتو پئي گهري

هن درخواست ۾ ڄاڻايو ته راڻيپور ٽول پلازه تي خيرات گهرندو آهيان،  هنڱورجا پوليس پنڻ تي ڀتو گهري رهي آهي، ڀتو نه ڏيڻ تي پوليس گهرتي چاپو هڻي ٻڪر به کڻي وئي

معذور پينو فقير وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري پريشان مون کي ڪيو ويندو آهي، جن تي ايف آءِ آر هجي ٿي اهي ڪراچي نڪري ٿا وڃن، پوليس منهنجي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي