دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ون جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم دفاعي چيمپيئن ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دبئي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊين ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنسون ٺاهيون.ايون ليوس 56 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، ڪپتان ڪيرون پولارڊ 26، سمنز 16، نڪولس پوران ۽ ڪرس گيل 12-12 رنسون ٺاهيون.ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊوائن پريٽوريس 3، ڪيشو مهاراج 2، اينرچ نورجي ۽ ڪگيسو ربادا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ پروٽيز گهربل هدف 18.2 اوورن ۾ رڳو ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ايڊن مارڪرم 51 ۽ وان ڊر ڊوسين 43 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته هينڊرڪس 39 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.واضح رهي ته گروپ ون ۾ شامل ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون پنهنجي پهرين ميچ هارائي چڪيون هيون، هاڻ ڏکڻ آفريڪا پهرين ڪاميابي ماڻي آهي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز کي مسلسل ٻي ميچ ۾ شڪست ملي آهي.