ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) ٽنڊو باگو ۾ انٽر ڪلب چيمپين ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پهرين رائونڊ ميچ ۾ غلام نبي روستماڻي ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 38 اوورن ۾ سمورن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي صرف 128 رنسون اسڪور ڪري سگهي.ذوهيب نواز غلام نبي روستماڻي 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. جواب ۾ پرنس ڪرڪيٽ ڪلب ماتلي 13 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون اسڪور ڪري ميچ کٽي ورتي.