سکر (بيورو رپورٽ) تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڪنڊو واھڻ لنڪ روڊ کيرٿر ڪئنال ويجھو پوليس مبينا مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. پوليس ترجمان موجب ڏوھ جي ارادري سان بيٺل هٿياربندن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ ڏوھاري مارجي ويو، جنھن جي قبضي مان پسٽل ۽ گوليون پڻ ھٿ ڪيون ويون آھن، پوليس موجب مارجي ويل خطرناڪ ڏوھاري ھيو جنھن جي شناخت ڀورو جتوئي جي نالي سان ٿي آھي جيڪو ڦر، چوري، ڌاڙن، پوليس مقابلن سميت سنگين نوعيت جي 7 ڪيسن ۾ گھربل ھو،ڏوھاري جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ مختلف ضلعن کان پڻ حاصل ڪيو پيو وڃي. مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوھاريءَ جي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر پھچايو ويو، مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڀورو جتوئيءَ جو تعلق سکر جي ڪچي واري علائقي سعيد آباد سان ھيو، اھڙي اطلاع تي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڀورو جتوئيءَ جي امڙ مسمات منظور خاتون زال سونو خان لاش وصول ڪرڻ لاءِ پھتي، جنھن کي قانوني ڪارروائي بعد پوليس لاش حوالي ڪيو.