راڄوخاناڻي (رپورٽ: جاويد نظاماڻي) راڄوخاناڻي جي شوالا پاڙي ۾ فجر مھل واپاري دولت رام جي گھر ۾ داخل ٿي چور چوري جي ڪوشش ڪئي ته گهر اندر ستل بورچي نوجوان ايشور داس سجاڳ ٿي پيو، مزاحمت ڪرڻ تي جوابدار نوجوان کي ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو، زخمي نوجوان کي پوليس ۽ وارثن حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي نوجوان بيان ڏنو ته کيس ارباب نظاماڻي ڇرا ھڻي زخمي ڪيو، ھن چيو ته جوابدار چوري ڪرڻ آيو ۽ مزاحمت ڪرڻ تي کيس زخمي ڪري فون ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويو، بيان ڏيڻ بعد بورچي ايشور ٺڪر زخمن جا سور نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول نوجوان مٺي شھر جو رھواسي ھو ۽ گذريل ڪيتري عرصي کان واپاري دولت جي گھر ۾ بورچي طور ڪم ڪندو ھو، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد ڀاءُ امرسنگ جي حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف واپاري ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سيٺ ليلارام ۽ سردار اعجاز واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي، هوڏانهن واقعي واري هنڌ ڊي ايس پي بدين اعجاز احمد جھتيال ۽ ايم پي اي الھه بخش پھتا، جن سر زمين جو معائنو ڪري واپارين کي جوابدار جي گرفتاري جو يقين ڏياريو، ٻي طرف پوليس ڪارروائي ڪري الزام هيٺ آيل جوابدار ارباب نظاماڻي کي گرفتار ڪري روتو آهي، پوليس موجب جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ قتل ۾ استعمال ٿيل ڇرو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.