حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۽ انجي پسگردائي وارن علائقن ۾ 300 کان وڌيڪ عيدالفطر جي نماز جا اجتماع ٿيندا. سڀ کان وڏو عيد جو اجتماع عيد گاھ راڻي باغ ۾ ادا ڪيو ويندو. عيد جا ٻيا اجتماع مسجدن، عيد گاهن، امام بارگاهن ۽ کليل جاين تي ادا ڪيا ويندا. عيد جي اجتماعن جي سيڪيورٽي لاء حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آھن ۽ وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي ويندي. ضلعي انتظاميا شھرين کي اپيل ڪئي آھي ته هو ايس اوپيز تحت عيد نماز ادا ڪن ته جيئن ڪورونا کي ڦھلاء کان روڪي سگهجي.