سکر ميونسپل ڪارپوريشن جون اڪثر سيٽون پيپلز پارٽي ٻهاري وئي

0
274
سکر ميونسپل ڪارپوريشن

ڪراچي: سکر ميونسپل ڪارپوريشن جون اڪثر سيٽون پيپلز پارٽي ٻهاري وئي، ڪُل 32 سيٽس مان 27 پيپلز پارٽي ۽ 3 سيٽس پي ٽي آءِ کٽي ورتيون، 2 آزاد اُميدوار ڪامياب، باگڙجي ٽائون ڪميٽي جا ٽئي وارڊز پيپلز پارٽي ٻهاري وئي

 صالح پٽ ٽائون ڪميٽي جي 8 سيٽ مان 4 تي پ پ، 2 پي ٽي آءِ ۽ هڪ سيٽ تي جي ڊي اي ڪامياب، هڪ آزاد اُميدوار به کٽي ويو، ڪنڌرا ٽائون ڪميٽي جي 6 وارڊز مان 4 تي پ پ ۽ 2 آزاد اُميدوار ڪامياب، روهڙي ميونسپل ڪميٽي جي 12 وارڊز مان 11 تي پ پ اُميدوار کٽي ويا

 هڪ وارڊ تي اُميدوار جي فوت ٿيڻ سبب چونڊ ملتوي ٿي، پنو عاقل ميونسپل ڪميٽي جي 16 مان 11 سيٽس پ پ جي نانءُ، 2 جي يو آءِ ۽ هڪ پي ٽي آءِ جو اُميدوار ڪامياب، 2 آزاد اُميدوار به کٽي ويا

ھي به پڙھندا

ڪاميابي مان ثابت ٿيو ته عوام کي تير تي اعتماد آهي:بلاول ڀٽو زرداري