سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل جي يو سي سومر خان جمالي ۾ بيلٽ پيپر غلط ڇپجڻ جي ڪري چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ روڪي وئي، پ پ اميدوار قربان علي آرائين ۽ جي ڊي اي اميدوار عارف علي ڏاهري جي انتخابي  نشان ۾ فرق سبب پوري يوسي جي پولنگ روڪي وئي، جيڪا منجهند 12 بجي تائين بند رهي، بعد ۾ اليڪشن ڪميشن آفيسر جي حڪم تحت چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي ووٽنگ روڪي ضلعي ميمبر ۽ جنرل ڪائونسلر جي ووٽنگ جاري ڪرائي وئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ، جي ڊي اي، جي يو آءِ ۽ آزاد اميدوارن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪندي ارڙھين شاخ اسٽاپ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو، ھنن چيو ته آر او دوڙ ھٿ سان بيلٽ پيپر جي غلط ڇپائي ڪرائي ڌانڌلي ڪرائڻ چاھي جنهن ڪري اسان چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪيو، هنن ٻيهر چونڊ جو مطالبو ڪيو،