ٺٽو ( رپورٽر ) مڪلي پوليس پاران مبينا طور نوجوان ناري جي ڦاھي کاڌل لاش کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو آھي. ان ڏس ۾ رات دير سان مڪلي ويجھو ترڪي ڪالوني لڳ صابرا ڳوٺ جي رھاڪو موسيٰ صابرو جي 19 ورھين جي نوجوان ناري ڪلثوم صابرو جي سندس گھر ۾ مبينا ڦاھو کاڌل لاش کي مڪلي پوليس اطلاع تي پھچي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو آھي ايس ايڇ او مڪلي آفتاب ميمڻ چيو آھي ته وارثن پاران گھريلو اڻبڻت تان ناري پاران خودڪشي ڄاڻائي وئي آھي. پوليس واقعي جي جاچ ڪري رھي آھي.