سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر اسپتال مان تازي ڄاول ٻارڙي جي اغوا جي سينئر ڊاڪٽرن سميت 16 ڄڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو، او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ، ڊاڪٽرن ۽ ماتحت عملي ٻارن واري وارڊ ۾ داخل 150 کان وڌيڪ معصوم مريضن کي احتجاج طور مختلف اسپتالن ڏانھن منتقل ڪري وارڊ خالي ڪرائي ڇڏيو، اسپتال ۾ ايمرجنسي طور مريضن کي تپاسيو ويندو، ڪنھن به ٻار کي اسپتال  وارڊ ۾ داخل نه ڪرڻ، ايف آءِ آر واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪرڻ جو فيصلو. رپورٽ موجب چار ڏينھن اڳ سول اسپتال سکر جي ٻارن واري وارڊ مان پراسرار  نموني اغوا ٿي ويل 16 ڏينھن جي معصوم ٻارڙي غالب حسين ولد محمد موسيٰ گولو جو ڪو به پتو نه پئجي سگھيو، وارڊ جي انچارج سينئر ڊاڪٽر غلام رسول ٻوڪ، ڊاڪٽر خادم منگي سميت عملي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري عمل خلاف غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي فيڪلٽي ميمبرز، ڊاڪٽرز، شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن، ينگ ڊاڪٽر ايسوسئيشن، ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسئيشن، پاڪستان نرسنگ ايسوسئيشن طرفان ڪم ڪار جو مڪمل طور بائيڪاٽ ڪري ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھرين داخل ڪيس ختم ڪرڻ، ڊاڪٽرن ۽ عملي کي تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ نعريبازي ڪئي. جڏھن ته احتجاج طور سول اسپتال عملي طرفان ٻارن واري وارڊ ۾ داخل سمورن ٻارڙن کي ٻين شھرن جي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪري وارڊ خالي ڪرائي ڇڏيو. صرف اسپتال توڙي ٻارڙن واري وارڊ ۾ ايمرجنسي مريضن کي تپاسڻ وارو عمل جاري رهيو. اِن موقعي تي غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر رفيق ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر غلام رسول ٻوڪ، ڊاڪٽر محمد عثمان ماڪو، شھيد محترمه بينظير ڀٽو ٽيچرس ايسوسئيشن جي فيضان شاھ ۽ ٻين چيو ته ٻارڙي جي اسپتال مان گم ٿيڻ جو اسان کي به گھڻو افسوس آھي، پر سينيئر ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، ٻارڙي کي  انتھائي نگھداشت واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ھو، جتي ٻيا ٻارڙا به موجود ھئا. ٻارڙي متعلق اُتي داخل عورتن ٻڌايو ته پھرين ڏينھن کان ھڪ عورت اُتي موجود ھئي جيڪا پاڻ کي اُن ٻارڙي جي خالا سڏائي پئي. اُھا عورت کيس کڻي وئي آھي، پر اُن عورت خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ بجاءِ مسيحائي پيشي سان تعلق رکندڙن مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ افسوسناڪ عمل آھي. تنھن ڪري ڄاڻايل تنظيمن جي گڏجاڻي ۾ يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته جيستائين سينيئر فيڪلٽي ميمبرز ۽ عملي خلاف داخل ايف آءِ آر واپس نه ورتي ويندي تيستائين ٻارڙن واري وارڊ سميت اسپتال جي او پي ڊي جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ رکيو ويندو. اِن دوران جيڪڏھن ڪو بهنقصان ٿيو ته اُن جي ذميواري لاڳاپيل اختيارين مٿان عائد ٿيندي. مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.