سکر: سکر سول اسپتال ۾ او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب سکر سميت مختلف ضلعن کان ايندڙ مريض رلي ويا، بيمار پيرسن مرد توڙي عورتون ڪرايا ڀاڙا ڀري پھتا ته کين پتو پيو او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي، جن طرفان ڊاڪٽرن کي منٿون ڪيون ويون پر ڊاڪٽرن پھتل مريضن توڙي انھن جي وارثن جي ھڪ به نه ٻڌي. گھوٽڪي، شڪارپور، خيرپور، سکر، جيڪب آباد ضلعن جي مختلف علائقن جي رھواسين ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڊاڪٽرز توڙي عملي کي وڏين پگھارن کڻڻ باوجود مريضن جو ڪو به احساس ناھي، حڪومت سنڌ به اسپتالن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، هر روز بائيڪاٽ سبب غريب ۽ پورھيت طبقو پريشانين کي منھن ڏيڻ تي مجبور ھجي ٿو. مريضن توڙي سندن وارثن سنڌ جي وڏي وزير ۽ صحت کاتي کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور بائيڪاٽ ختم ڪرائي عوام کي صحت جون بھتر سھولتون فراھم ڪيون وڃن. ھوڏانھن بائيڪاٽ سبب پيرسن عورتون توڙي مرد اسپتال جي فرش تي پريشان حالت ۾ ويٺي ڊاڪٽرن جو انتظار ڪندا رھيا پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ بعد ٿڪجي مريض توڙي سندن وارث پنھنجي گھرن ڏانھن واپس روانا ٿي ويا.