سکر(بيورو رپورٽ) پهرين محرم الحرام کان عاشوري تائين ضلعي اندر 145 ماتمي جلوس ۽ 1219 مجلس عزا  ٿينديون، تاريخي ۽ قديمي ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار، 8، 9 ۽ 10 محرم الحرام تي موبائيل فون سروس بند رکڻ تي غور. محرام الحرام جو چنڊ نظر اچڻ بعد پوري ملڪ جيان سکر ضلعي ۾ به يا حسين عه ، يا حسين عه جون صدائون بلند ٿيڻ شروع ٿي ويون. شهر جي وک وک تي امام حسين عه ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سبيلون لڳايون ويون. مليل ڄاڻ موجب سکر ضلعي اندر 145 ماتمي جلوس ۽ 1219 مجلس عزا ۾ منعقد ٿينديون، ستن تاريخي ۽ قديمي ماتمي جلوس کي سيڪيورٽي جي حوالي سان انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب تيار ڪيل سيڪيورٽي پلان مطابق 5 محرام تي پراڻي سکر مان نڪرندڙ تاريخي ماتمي جلوس ۾ 50 هزار کان وڌيڪ عزادار شرڪت ڪندا. جڏهن ته 7 محرم تي پنوعاقل ۾ پڻ ماتمي جلوس بر آمد ٿيندو، 8، 9 ۽ 10 محرم روهڙي ڪربلا معليٰ جي زيارت، 9 ڍال وارو ماتمي جلوس نڪرندو جنهن ۾ ٽنهي ڏهاڙن تي  70 کان 80 هزار عزادار شريڪ ٿيندا. اهڙي طرح 10 محرم تي سکر سٽيءَ ۾ به ماتمي جلوس برآمد ٿيندا جنهن مان هڪ ماتمي جلوس ۾ 80 هزار تائين عزادارن جي شرڪت جو امڪان آهي. ساڳي طرح 10 محرم الحرام تي پنوعاقل ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوس ۾ 30 هزار کان وڌيڪ عزادار شرڪت ڪندا. جڏهن ته ذريعن مطابق 8، 9 ۽ 10 محرم سکر ۽ روهڙي ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي ۽ حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ گهرو وزارت کي موبائيل فون سروس بند ڪرڻ لا به لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.