ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ درگاھ ڀٽائي ۽ مزار کي ڪاري چادر سان ڍڪيو ويو ،جڏهن ته شھر جي مختلف امام بارگاھن تي الم پاڪ  کي سينگاري عزاداري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ سيد گداحسين شاھ لطيفي، سيد فداحسين شاھ لطيفي، احسن عباس شاھ، فرحاد عباس شاھ ۽ سيد جراڙ شاھ لطيفي جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ ماتمي جلوس برآمد ڪري سينا زني ۽ نوحا خواني ڪئي وئي، جڏھن تـ شھر جي مختلف ھنڌن تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سبيلون بـ قائم ڪيون ويون.