سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) گذريل هڪ هفتي دوران سکر بيراج وٽان اڻ ڄاتل ماڻهن جا لاش ملڻ جي حوالي سان  سکر پوليس پاران راجن پور پوليس سان رابطو ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ راجن پور ۾ ڄڃ سان ڀريل هڪ ٻيڙي سنڌو درياءِ ۾ ڪلٽي ٿي پئي هئي. ٻيڙيءَ سوار ڄاڃين مان ڪيترن ئي ماڻهن جو اڃا تائين ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. سکر پوليس ايس ايس پي راجنپور سان رابطو ڪري وارثن کي سکر اچي لاشن جي سڃاڻپ ڪرڻ توڙي ڊي اين اي ڪرائڻ لاءَ چيو آهي. سکر پوليس پاران امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪي لاش هڪ ئي وقت گهڻي تعداد ۾ گڏ لڙهي پهتا آهن، اهي ان حادثي ۾ فوت ٿيلن جا ٿي سگهن ٿا، پاڻيءَ ۾ ڳري وڃڻ سبب سڃاڻپ ڪرڻ گهڻي ڀاڱي ممڪن ناهي رهي، ان ڪري انهن جي ڊي اين اي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.