بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو ڳوٺ ڪمال خان گولو ۾ 9 ورهين جي آمنا،7 ورهين جي روزينا ڌيءُ نماز علي گولو، 5 ورهين جي جميلان ڌيءُ جان محمد راند ڪندي پاڻي جي تلاءَ ۾  ٻڏي ويون.نينگرين جا لاش ڪنڌڪوٽ اسپتال آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،مليل ڄاڻ موجب ٽئي نينگريون وارثن سان گڏ رونبو ڪرڻ لاءِ آيون هيون، راند کيڏندي تلاءَ ۾ ڪري پيون، جن کي وارثن تلاءَ مان ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.