حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ تي ٿاڻي بولا خان ۾ سرڪاري  زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ پڪي ضمانت لاءِ شنوائي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. حليم عادل شيخ ڪورونا ۾ مبتلا هئڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيو. سندس وڪيل عدالت کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته حليم عادل شيخ کي ڪورونا جون علامتون ظاهر ٿيون هيون ۽ هن پاڻ کي گهر ۾ آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي عدالت شنوائي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن سرڪل پوليس ڄامشورو ٿاڻي بولا خان جي اڳوڻي مختيارڪار غلام محمد ميمڻ، تپيدار عبدالله سولنگي، مير محمد، امير بخش ۽ حليم عادل شيخ سميت 5 ڄڻن خلاف سرڪاري زمين جا کاتا پنهنجي نالي ڪرائڻ تي ڪيس داخل ڪيو هو.