سکر (بيورو رپورٽ) سکر بئراج جي سالياني بندي شروع، 6 جنوري کان 20 جنوري تائين 15 ڏينهن بندي جاري رهندي، 8 ڊسمبر تي آبپاشي کاتي طرفان پبلڪ هيلٿ، ميونسپل توڙي لاڳاپيل کاتن کي بندي دوران متبادل بندوبست يا پاڻي ذخيرو ڪرڻ متعلق لکت ۾ اطلاع باوجود سکر انتظاميا جوڳو قدم نه کنيو، سکر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي کوٽ جون شڪايتون. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر بئراج جي سالياني بندي 6 جنوري  کان 20 جنوري  15 ڏينهن تائين جاري رهندي. سکر بئراج ڪنٽرول روم جي انچارج عبدالعزيز سومرو مطابق بندي دوران سکر بئراج جا گيٽ کولي سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن کي به مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي، سالياني بندي دوران سکر بئراج توڙي ڪئنالن جي گيٽن کي آئيلنگ ۽ گريسنگ ڪيو ويندو. سکر بئراج جي انتظاميا طرفان ڪئنالن جو پاڻي گهٽ ڪرڻ ۽ سنڌو جي وهڪرن جي سطح گهٽ ڪرڻ متعلق پبلڪ هيلٿ ۽ لاڳاپيل کاتن کي آگاهي ڏني وئي آهي ته بندي دوران شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي لاءِ پاڻي ذخيرو ڪيو وڃي يا متبادل بندوبست ڪيو وڃي. سکر جي شهرين مطابق 8 ڊسمبر تي بئراج اختيارين طرفان لکت ۾ آگاهي باوجود پبلڪ هيلٿ، ميونسپل توڙي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن بندي دوران پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪو تحرڪ ناهي ورتو، نتيجي ۾ سکر بئراج جي بندي واري پھرين ئي ڏينهن تي سکر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي فراهمي نه ٿي متعلق شڪايتون آهن.