عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ اٽو سستو نه ٿيڻ ۽ مھانگائي خلاف شهرين ٻئي ڏينھن به روڊن تي نڪري ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪري 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ڇور، ڪنري، سامارو ۽ پٿورو ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي کي پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي، گل بجير، عبدالڪريم مگريو ۽ ٻين چيو ته نااھل حڪمرانن کي استعيفا ڏئي گھر ھليو وڃڻ گھرجي، جيڪي عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آھن، هنن چيو ته اٽي جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، هنن چيو ته حڪمران غريب عوام کان جيئڻ جو حق به کسي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي جو نوٽيس وٺي اٽو سستو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.